شهر جي ڳالهه

شهر جي ڳالهه

شهر جي ڳالهه

شهر جي ڳالهه (ڪتاب): هي ڪتاب برک ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومري جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور جي پس منظر ۾ ڀارتي صحافڻ ڇوڪريءَ ۽ هڪ سنڌي نوجوان جي وچ ۾ عشق تي مشتمل آهي. هي ناول رومانس سان گڏ ضياءُ الحق جي ڊراڪولائي دور جي ڪاري باب تان پردو کڻي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ ايم. آر. ڊيءَ سميت مختلف عقوبت جو نهايت ئي سليس نموني هڪ ڪهاڻيءَ واري انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر ليکڪ پاڻ لکيا آهن. هن ڪتاب جي ارپنا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي ڪيل آهي. هي ناول 42 ننڍڙن عنوانن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ببليوگرافي ڏنل آهي. 232 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 10 مارچ 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1998ع ۾ ڇپيو. پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 252 روپيا آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان سندس تعارف ۽ لکيل ڪتابن جو تفصيل سنهري رنگ جي اکرن سان ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.03.10  عيسوي

شهر جي ڳالهه ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 10 مارچ 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تعليمي من وديا
پريم ساگر
Sachal Sarmast
انقلابي شاهراه
تاريخي قطعات
روحل فقير جون رمزون
اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو
سر ڪاپائتي
ڊزن ڊايالاگ
پنر ملن
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون